شنڪر مُلواڻي

شنڪر مُلواڻي

شنڪر ملواڻي

شنڪر مُلواڻي: سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ هن سنڌي اداڪار جو جنم 3 فيبروري 1951ع تي هندستان ۾ ٿيو. هن نه صرف ڊرامن ۽ فلمن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي بلڪه هندستان ۾ ٿيندڙ لڳ ڀڳ 500 ناٽڪن ۾ حصو وٺي چڪو آهي. سندس بهترين اداڪاري تي مشتمل ٽن فلمن: ‘امي يا ممي’، ‘اوکا پنڌ پيار جا’ ۽ ‘ڪير ڪنهن جو’ سنڌي فلمن ڏسندڙن ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي آهي.
شنڪر مُلواڻيءَ هندستان ۾ رهي سنڌي ٻولي ادب، ڊرامي ۽ ثقافت کي زندهه رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جي اعتراف ۾ کيس نومبر 2008ع ۾ ‘سنڌي سوشل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي دهلي طرفان ‘سنڌو رتن اوارڊ’ سان نوازيو ويو. هي هن وقت دهليءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي زندهه رکڻ ۽ ترقي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو